پاڻيءَ واتڙيو نانگ جي تصوير

پاڻيءَ واتڙيو نانگ جي تصوير

پاڻيءَ واتڙيو

پاڻيءَ واتڙِيو (نانگ ):هي نانگ عام نانگ جون وصفون رکي ٿو، پر سائنسدان ان تي اختلاف رکن ٿا، انڪري ان کي هڪ جدا جنس ’نئٽرِڪس‘(Natrix) جو نالو ڏنو اٿن. هن جنس جون بلائون گپ وارن علائقن ۾ ٿين ٿيون ۽ موقعو ملندي ئي امالڪ پاڻيءَ ۾ لهي وينديون آهن. تلاءَ يا واهه جي هڪ ڪپر کان ٽپو ڏينديون ته وڃي ٻئي ڪناري کان نڪرنديون. پاڻيءَ جي ڪنڌيءَ تي ڏرڙن ۾ رهنديون آهن. ڦڙتيليون ۽ مضبوط جسم جون ٿين ٿيون، رات ڏينهن سرگرم هونديون آهن، پاڻيءَ جي ويجهو ئي اس ۾ ويٺيون هونديون آهن. سندن خوراڪ ۾ مڇيون ۽ ڏيڏر شامل آهي.هي بلائون مارچ کان مئي تائين 6 کان 10 آنا پاڻيءَ کان ٻاهر ڪنهن سوراخ يا ڏرڙ ۾ ڏينديون آهن، جن مان جولاءِ کان آگسٽ تائين ٻچا ڦُٽي ايندا آهن، ان جنس جون ٻه بلائون سنڌ ۾ آهن. ’نئٽرِڪس سئنڪٽي جوهانس‘ اصل ۾ هماليائي نانگ آهي، جيڪو سڄي سنڌ پنجاب ۾ لاڙ تائين ٿئي ٿو. ٻيءَ جنس جو نالو ‘Natrix tessellatee’ آهي، جيڪا ايران، افغانستان، يورپ ۾ به پکڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


نانگ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڻيءَ واتڙيو
تخت نانگ
نانگ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون